سيد مهر علي شاهه شهيد جيلاني جو ميلو

سيد مهر علي شاهه شهيد جيلاني جو ميلو: سيد مهر علي شاهه شهيد جيلانيءَ جو ساليانو ميلو 13، 14 ۽ 15 ذوالحج تي ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد ۾ لڳايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي راند، سرڪس، موت جو کوهه، ٻارن جي لاءِ جهولا، ڀلن ڍڳن، گهوڙن ۽ اُٺن جي ريس جو انعامي مقابلو ۽ محفل موسيقي جو پروگرام منعقد ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ٽي وي ۽ ريڊيو جا نامور فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ان کانسواءِ علاوه ملاکڙي ۾ اتر ۽ لاڙ جا پهرين ۽ ٻئي جوڙ جا ملهه پهلوان حصو وٺندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مريد ۽ عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو